ڊٻ مهر شاهه جيلاني

ڊٻ مهر شاهه جيلاني (درگاهه): ڊٻ مهر شاهه ڳوٺ، ضلعي خيرپورميرس ۾ گنبٽ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي هڪ بستي آهي. هيءَ بستي هڪ بزرگ سيد مهر شاهه جي نالي سان منسوب آهي، جنهنڪري هن بستي کي بلند مقام ۽ مرتبو حاصل ٿيو. ٻارهين صدي هجري / ارڙهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڊٻ مهر شاهه هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هتي اُڄڻ ذات جا ماڻهو آباد هئا. سندن آدمشماري ٿوري هئي. اهو ڳوٺ واريءَ جي دڙن ۾ لڪل هو. ڳوٺ جو نيڪ مرد ۽ اُڄڻ قبيلي جو سرپرست وسند اُڄڻ هن ڳوٺ ۾ رهندو هو. اڄڻ ذات جا قومي سردار ڊٻ کان ٽن ميلن تي ڏکڻ طرف کُهڙن جي شهر ۾ رهندا هئا. ان وقت ۾ حضرت مور شاهه اُچ شريف مان پنهنجي والد حضرت غلام شاهه سان گڏ سيد بچل شاهه سجاده نشين غوث بهاء الحق جي درگاهه تي زيارت لاءِ آيو هو. اتان اوچتو پنهنجي والد کان وڇڙي ويو، جتان پوءِ سيلاني فقيرن سان گڏيو، جن سان گڏجي پهريائين راڻيپور پوءِ درازا شريف ۽ بعد ۾ کهڙن ۾ اچي پهتو، جتي کين مخدومن جي صحبت نصيب ٿي. ان کانپوءِ معرفت جا موتي ماڻڻ لاءِ اُڄڻ فقيرن جو قرب حاصل ڪيائين. ان وقت اڄڻ فقيرن جي خانقاهه جو سجاده نشين فقير محمد علي (پکي ڌڻي) هو، جنهن جي صحبت ۾ حضرت مهر شاهه معرفت جي منزل طئي ڪئي ۽ حقيقت جو راز حاصل ڪيو.
ان بعد فقير محمد عليءَ جي چوڻ تي ڊٻ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ فقير صاحب هن ڊٻ کي ’ڊٻ مهر شاهه‘ جو نالو ڏئي، وسند اُڄڻ کي سندس خليفو مقرر ڪيو، جنهن مرڻ گھڙيءَ تائين هن درگاهه جي خدمت ڪئي.
1833ع جي وچ ڌاري هيءَ بستي ڊٻ مان ڦري ڊٻ مهر شاهه جي هڪ وڏي خانقاهه بنجي ويئي. اُچ شريف کان مور شاهه جو پورو خاندان حضرت غلام شاهه، حضرت حسين شاهه، حضرت ڇتن شاهه هتي اچي رهيا هئا. حضرت مهر شاهه به باڪمال ۽ بزرگ هستي هو، دور دراز ڳوٺن مان ماڻهو هن بزرگ جي خدمت ۾ پهچي مريديءَ جو شرف حاصل ڪندا رهيا. هن بستي جي آباديءَ ۾ واڌ ايندي رهي. ٿورن ڏينهن ۾ هن گاديءَ جو شمار سنڌ جي وڏين گادين ۾ ٿيڻ لڳو. هن وقت هن خاندان مان ۽ هن تڪ مان سيد بچل شاهه جيلاني صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو